نيب جي وابستگي صرف ۽ صرف رياست پاڪستان سان آهي: نيب چيئرمين

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته نيب جو تعلق ڪنهن سياسي پارٽي، گروهه ۽ فرد سان نه پر نيب جي وابستگي صرف ۽ صرف رياست پاڪستان سان آهي.

نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيب جي گڏيل ڪارڪردگي جو  جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ بينڪ آف خيبر، مالم جبا، بلين ٽري سونامي، ڪي اليڪٽرڪ، اين ٽي ايس ۽ شگر سبسڊي ڪيسز ۾ هن وقت تائين جي ڪيل جاچ ۽ ڪوڙي هائوسنگ/ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽيز جي خلاف اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.

نيب ترجمان موجب اجلاس ۾ نواز شريف، آصف علي زرداري، شوڪت عزيز، راجا پرويز اشرف، سيد يوسف رضا گيلاني ۽ شهباز شريف جي ڪيسن ۽ اسلم خان رئيساڻي، ثناءُ الله زهري، مراد علي شاهه، قائم علي شاهه، اسحاق ڊار، خواجا سعد رفيق، ڊاڪٽر عاصم حسين جي خلاف جاچ جو جائزو ورتو ويو.

ترجمان چيو ته اجلاس ۾ احسن اقبال، طارق فضل چوڌري، سرور خان، نور الحق قادري، ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ بابر خان غوري جي خلاف جاچ جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته منظور وساڻ، آغا سراج دراني، سيد خورشيد شاهه، ڄام خان شورو، شرجيل انعام ميمڻ، عادل صديقي، وسيم اختر، سردار عاشق خان گوپانگ، برجيس طاهر ۽ اعجاز جکراڻي جا ڪيس به غور هيٺ آيا.

ان موقعي تي نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو ته قانون جي موجب احتساب سڀني جي لاءِ واري پاليسي تي سختي سان عمل پيرا آهيون، نيب جو تعلق ڪنهن سياسي پارٽي، گروه ۽ ماڻهو سان ناهي، نيب جي وابستگي صرف ۽ صرف رياست پاڪستان سان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.