پيرجوڳوٺ : حيسڪو عملدارن پاران پير جو ڳوٺ ۾ ڪنڊا ڪنيڪشن ختم ڪرڻ جو عزم

ايس ڊي او سيپڪو اسد الله ميمڻ ۽ عملي پاران سب ڊويزن پير جو ڳوٺ ۾ڪنڊا ڪنيڪشن ختم ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو ، شھر جي مختلف محلن ۽ علائقن ۾ گڏيل آپريشن ڪري غيرقانوني طور تي لڳايل ڪنڊا ڪاٽيا ويا ۽ تارون ضبط ڪري انهن کي ساڙي ختم ڪيو ويو ، ان موقعي تي ايس ڊي او ڳالھائيندي چيو ته پير جو ڳوٺ اندر ڪا خاص بجلي جي بلن جي رڪوري نه آهي پر ان باوجود اسان ڪوشش ڪري رھيا آھيون ته قانوني طور تي عوام ميٽر لڳرائي ۽ انھن جا بل ٽائيم تي ادا ڪري

هن شهرين کي هدايت ڪندي چيو ته هو بجلي چوري ڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ پنهنجا ادارا مظبوط ۽ مستحڪم بڻائين،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.