ٺل ۾ ايس يو پي ڪارڪن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج جاري

ٺل (ن ع آ)ٺل ۾ ڀتو نه ڏيڻ تان قتل ڪيل ايس يو پي ڪارڪن جي خون سان انصاف نه ٿيو،14 مهينا گذري وڃڻ جي باوجود شهيد جي جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ وارث سراپا احتجاج،احتجاجي مظاهرو،جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو،خبر موجب ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جيئي سنڌ چوڪ تي ڀتو نه ڏيڻ تان قتل ڪيل ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن اصغر علي ٻرڙو ۽ طالب حسين ٻرڙو ۽ ايس يو پي جي ضلعي صدر جمال الدين جوش ٻرڙو جي مٿان حملو ڪندڙن جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي،جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ وارثن ۽ شهرين پاران احتجاج هلندڙ آهي،ڪالهه جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي پاران قائم الدين سرڪي جي قتل ڪيس ۽ ايس يو پي جي ضلعي صدر جمال جوش ٻرڙو جي مٿان حملي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو،مظاهرين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪجهه وقت لاءِ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن جمال الدين جوش ٻرڙو،حاڪم ڊول،منظور ٻرڙو،رنبيو ٻرڙو،سرمد ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته 14 مهينا اڳ شڪارپور سوئيٽس بيڪري مالڪ ۽ ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي کي قتل ڪيو ويو پر افسوس جو هن مهل تائين ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ پوليس ڪوبه ڪردار ادا ناهي ڪيو ويو،جنهن بعد جوابدار ڌمڪائڻ بعد حملا ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته ايس يو پي جي ضلعي صدر جوش ٻرڙو جي گهر مٿان جوابدارن پاران حملو ڪيو ويو پر افسوس جو پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي،جوابدار آزاد گهمندا رهن ٿا پر پوليس انهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي،هنن مطالبو ڪيو ته مقتول قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن ۽ جمال جوش ٻرڙو مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

کوسا اتحاد جي اڳواڻ سکر پهچي برادري جي فوتين جي وارثن سان تعزيت

سکر(رپورٽر) کوسا اتحاد پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ سکر پهچي برادري جي معزز فوت ٿيلن جي وارثن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي کوسا اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ شفيع محمد کوسو سکر ڊويزن جي چيئرمين گل حسن کوسو ۽ ٻين سان گڏجي کوسا برادري جي معزز ماڻهن سان ملاقاتون ڪري انهن کان مسئلا معلوم ڪيا ۽ سکر جي آس پاس ۾ فوت ٿي ويل کوسا برادري جي ماڻهن جي وارثن سان تعزيت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.