سکر ۾ ايڊمنسٽريٽر سياسي اڳواڻن جي بنگلن جا چڪر پيو ڪاٽي:مبين جتوئي

سکر (پورٽر)سکر ۾ مقرر ايڊمسنٽريٽر شهر ۾ صفائي سٿرائي ڪرائڻ بجاءِ چونڊيل نمائندن جي بنگلن تي چڪر ڪاٽي رهيو آهي جنهن سبب شهر اندر صفائي سٿرائي جو نظام بهتر نه پيو ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان تحريڪ انصاف اتر سنڌ جي سيڪريٽري مبين احمد جتوئي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي، هن چيو آهي ته نثار احمد ميمڻ جي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ بطور ايڊمنسٽريٽر طور چارج سنڀالڻ جي باوجود شهر ۾ ڪابه بهتري ناهي آئي، صفائي سٿرائي جو نظام اڃا تائين جيئن جو جو تيئن پيل آهي، شهر جي اڪثر رهائشي ۽ ڪاروباري علائقن ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن. جڏهن ته ڊرينيج جو نظام پڻ ناڪارا بڻيل آهن، جنهن ڪري علائقي واسي تمام گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن هن چيو آهي ته اڳ مڪاني نظام دوران به سکر شهر جي حالت تبديل نه ٿي هئي پر افسوس آهي ته ايڊمنسٽريٽر جي مقرري ۽ چارج سنڀالڻ جي باوجود به شهر ۾ صفائي سٿرائي لاءِ ڪي جوڳا بندوبست ناهن ڪيا ويا، هن چيو آهي ته ايڊمنسٽريٽر نثار احمد ميمڻ سکر جي چونڊيل نمائندن جي اوطاقن تي دعوتون کائڻ ۾ مصروف آهي. جڏهن ته شهر واسي گندگي پاڻي مان گذري ڪري پنهنجي ڪم ڪار طرف وڃڻ تي مجبور آهن، هن چيو آهي ته سکر شهر ۾ گندگي سبب عام ۽ ڪاروباري زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي. هن مطالبو ڪيو آهي ته شهر جي اجڙيل صورتحال جو نوٽيس وٺي شهرين کي رليف ڏنو وڃي نه ته ايڊمنسٽريٽر خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

پکي ۾ قتل ٿيل امداد شاهه جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار فضل شاھه گرفتار

پکو (ن ع آ)ڏھه ڏينھن اڳ پکو ٿاڻي جي حد ڳوٺ مسو آرائين ڀٽو ۾ قتل ٿيل 55 ساله امداد شاھ جي قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدار سيد فضل شاھ کي بھرام پوليس ڳجھي اطلاع ملڻ تي ناڪابندي ڪندي گرفتار ڪري ورتو جڏھن ته گرفتار جوابدار کي قمبر جيل موڪليو ويو. ان حوالي سان بھرام پوليس جو چوڻ آھي ته اسان کي خفيه اطلاع مليو ته پکو پوليس کي قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدار بھرام جي حدن مان فرار ٿي رھيو آھي جنھن جي ناڪابندي ڪري گرفتار ڪري ورتو آھي.

شڪارپور ۾ پ ٽ الف جي چونڊ، استاد پئنل بنا مقابلي ڪامياب

شڪارپور (ڊ ر) پ ٽ الف جي مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي جي شيڊول مطابق سڄي سنڌ جپان شڪارپور ۾ چونڊون ٿي گزريو استاد اتحاب پئنل جا عهديدار صدر  لياقت علي ٻرڙو جنرل سيڪريٽري رفيق احمد سومرو نائب صدر احسان ڀٽو خزانچي روشن ڀيو ۽ ٻيا عهديدار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا ٻئي ڪنهن به گروپ فارم نه ڀريو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.