سيوهڻ ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ،گيسٽرو پکڙجڻ لڳي، ايس يو پي جو ڌرڻو

سيوهڻ ( رپورٽ: خالد ميمڻ ) سيوھڻ ۾ پبلڪ ھيلٿ عملدارن جي نااھلي سبب ھڪ ھفتي کان پيئڻ جي پاڻي جي مسلسل کوٽ شھرين کي بدبودار پاڻي فراھم  ڪرڻ ۽ فلٽر پلانٽ خراب ھجڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقي سيوھڻ جي سڏ تي ڪارڪنن تعلقا آفيس کان احتجاجي مظاهرو ڪري شھر جو گشت ڪران بعد سيوھڻ  پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن اصغر سولنگي، علي نواز رند، منصور چنا، محمد خان سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پبلڪ هيلٿ انتظاميا جي نااهلي سبب  سيوھڻ شھر ۾ ھڪ ھفتي کان پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ آهي، جڏهن ته فلٽر پلانٽ پڻ خراب ھجڻ سبب شهرين کي جيڪو پاڻي فراھم  ڪيو وڃي ٿو اھو گندو ۽ بدبودار پاڻي آهي، گندو پاڻي واپرائڻ سبب شهري گيسٽرو سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن  ڪروڙين رپيا بجيٽ باوجود سيوهڻ شهري پيئڻ جي صاف پاڻي جي ڦڙي لاءِ پريشان آهن. اڳواڻن چتاءُ ڏيندي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو جلد نوٽيس وٺي سيوھڻ شھر جا جائز مسئلا  جلد حل ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.