پني عاقل ۾ دڪاندارن کي حددخليون هٽائڻ جي هدايت

پنوعاقل (ن ع آ)اي سي پنوعاقل کي ايڊمسٽريٽر جي چارج ملڻ بعد آغا مولاداد دراني جي اڳواڻي ۾ شھر مان ھٿرادو انڪروجمنٽ ھٽائڻ ۽ ھفتو صفائي مھم جو آغاز شروع ڪري ڏنو،ايڊمسٽريٽر آغا مولاداد دراني،ٽي ايم او سجاد سمائر،ٽي او فنانس واجد گلزار شيخ ٽائون عملو اسد اللھ بوزدار،انعام اللھ ڪلوڙ،غلام علي مھيسر،محمد حيات  جتوئي،ممتاز چنو،شھمير جتوئي،عظيم شيخ صفائي وارا پوليس توڙي ٽريفڪ جي اھلڪارن ھاءِ اسڪول چوڪ کان ڀيلار روڊ تائين انڪروجمنٽ ھٽائڻ لاءِ دڪاندارن کي پابند ڪيو ويو ته ھو فوري طور غير قانوني رکيل سامان پاڻ ئي ھٽائين نه ته ٻي صورت ۾ روڊن تي پيل پيٽيون،رھيڙا چلھا،مانڊيليون ۽ ٻيو سامان کڻائي ٽائون آفيس ۾ اڇلايو ويندو،ھوڏانھون شھر ۾ ھفتو صفائي مھم  جو آغاز شروع ڪيو ويو،ياد رھي ته گذريل چئين سالن ۾ غير قانوني انڪروجمنٽ رون تي سامان ھجڻ ڪري ايندڙ ويندڙ شھري سخت پريشان آھن ۽ صفائي نه ھجڻ ڪري شھر توڙ محلن پاڙن ۾ ماڻھون گندگي جي ڌپ سبب نڪ تي ھٿ رکي گھمن  ٿا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.