لاڙڪاڻي چيمبر جي چونڊن ۾ پ پ جو حمايت وارو پئبل ڪامياب

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چونڊ، پيپلز پارٽي جي حمايت يافته پئنل جا سمورا  اميدوار ڪامياب ٿي ويا، اڳوڻي ميئر خيرمحمد شيخ جي ڀاڻيجي کي چونڊن ۾ شڪست، صدارتي چونڊن جي لاءِ ايندڙ هفتي شيڊيول پڌرو ڪيو ويندو، صدارتي اميدوار جي ڊڪ ڊوڙ ۾ اڳوڻي ميئر سميت ٽي واپاري ميدان تي لٿل آهن. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي سالياني ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جون چونڊون اليڪشن ڪمشنر حاجي مجيد شيخ جي نگرانيءَ ۾ چيمبر آفيس ۾ ٿيون جتي 237 ميمبرن مان 195 ميمبرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ميئر محمد اسلم شيخ ۽ خير محمد شيخ جي حمايت يافته پئنل سان واسطو رکندڙ سمورن اميدوارن وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. جاري ڪيل نتيجن موجب ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر اميدوارن مان اشرف علي شيخ 155، علي اصغر شيخ 161، شمشاد احمد شيخ 153، علي رضا کوکر 146، مسعود مهدي 162، مهيش ڪمار 131، عبدالقدوس شيخ 152 ۽ احمر رحمت شيخ 147 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته سندن مقابلي ۾ اڳوڻي ميئر خيرمحمد شيخ جو ڀاڻيجو اطهر ارسلان شيخ 110 ووٽ کڻي سگهيو جنهن کي شڪست جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. هوڏانهن لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس ائنڊ انڊسٽري جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي چونڊن کان پوءِ صدارتي چونڊن جي لاءِ شيڊيول ايندڙ هفتي جاري ڪيو ويندو جنهن ۾ اڳوڻو ميئر خيرمحمد شيخ، محمد علي شيخ ۽ نثار الله شيخ صدارتي اميدوار جي فهرست ۾ شامل آهن جن طرفان ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.