سڳيون جي ڪچي ۾ ڀاءُ جي اتفاقي گولي لڳڻ سبب ڀيڻ زخمي

سڳيون ( ن ع آ ) سڳيون لڳ ڪچي جي علائقي ڳوٺ محمود چنه ۾ 17 سالن جي نوجوان ناري رضيه ڌيءَ اويس چنو کي وڏي ڀاءُ نالي مٺو  ولد اويس چنو پنهنجي گھر ۾ ڇتي ڪتي کي مارڻ دوران اتفاقي گولي هڻي زخمي ڪري وڌو، جڏهن ته صحافين کي ايس ايڇ او محمود چنه غلام سرور ڀيو موقف ڏيندي چيو ته رضيه ولد اويس چنو کي سندس ئي وڏي ڀاءُ ھٿان ڇتي ڪتي کي مارڻ دوران اتفاقي گولي لڳي وئي جنهن سبب هو شديد زخمي ٿي پئي آهي، جنهن کي ليٽر ڏئي تعلقي اسپتال سوڀوديرو موڪليو آهي، ايس ايڇ او ٻڌايو ته وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته وارثن پاران ھينئر تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ڪرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.