رئيل مي جو هڪ ٻيو ”سستو ۽ زبردست“ اسمارٽ فون متعارف

هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ رئيل مي 7 سيريز جا 2 فونز متعارف ڪرايا ويا هئا.

هاڻ ڪمپني رئيل مي 7 ۽ 7 پرو کان پوءِ ان سيريز جو اڃان سستو فون رئيل مي 7 آءِ پيش ڪيو ويو آهي.

انڊونيشيا ۾ هڪ آن لائن ايونٽ دوران اِهي فون متعارف ڪرايا ويا جنهن ۾ 6.5 انچ جي ايل سي ڊي ڊسپلي ايڇ ڊي پلس سپورٽ ۽ 90 هرٽز ريفريش ريٽ سان ڏنو ويو آهي.

فون جي اندر اسنيپ ڊراگون 662 پراسيسر موجود آهي جڏهن ته 5000 ايم اي ايڇ بيٽري 18 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان ڏني وئي آهي.

ان ڊيوائس ۾ اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم جي ڀيٽ رئيل  مي يو آءِ سان ڪيو ويو آهي.

8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج موجود آهي جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگهجي ٿي.

فون ۾ فنگر پرنٽ ريڊر بيڪ تي ڏنو ويو آهي جڏهن ته هي بليوٽوٿ 5.0 سپورٽ به موجود آهي.

فون ۾ گڏيل طور تي 5 ڪيميرائون ڏنيون ويون آهن، 4 بيڪ تي ۽ هڪ سيلفي ڪيمرا.

بيڪ تي مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جو آهي جنهن سان گڏوگڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ، 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرا موجود آهي.

فون فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل ڪيمرا پنج هول ڊيزائن ۾ ڏنو ويو آهي.

جيئن ته مٿي ٻڌايو ويو آهي ته ان فون کي انڊونيشيا ۾ سڀ کان پهرين متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن جي قيمت 215 ڊالرز ( 37 هزار 7 سئو پاڪستان رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.