وزير اعظم بلوچستان ۾ 2 ۽ ڪي پي ۾ 1 بارڊر مارڪيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪ افغان بارڊر تي 12 جڏهن ته پاڪ ايران سرحد تي ڇهه بارڊر مارڪيٽن جو قيام عمل ۾ آندو ويندو، وزير اعظم فوري طور تي بلوچستان ۾ ٻه ڪي پي ۾ هڪ بارڊر مارڪيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن کي فيبروري تائين فعال ڪيو ويندو.

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پاڪ افغان ۽ پاڪ ايران سرحدي علائقي ۾ بارڊر مارڪيٽس جي قيام جي حوالي سان اعليٰ سطح اجلاس رٿيو ويو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، عبدالرزاق دائود، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه ۽ ٻيي سينيئر سول ۽ ملٽري آفيسرن شرڪت ڪئي.

اجلاس کي پاڪ افغان ۽ پاڪ ايران سرحدن تي وسندڙ مقامي آبادي کي واپار جي بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ  تجويز ڪيل بارڊر مارڪيٽن جي قيام جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪ افغان بارڊر تي 12 جڏهن ته ايران سرحد تي ڇهه مارڪيٽن جو قيام عمل ۾ آندو ويندو.

وزير اعظم پائلٽ پراجيڪٽ جي طور تي بلوچستان صوبي ۾ ٻه ۽ خيبرپختونخواهه صوبي ۾ هڪ بارڊر مارڪيٽ جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن کي فيبروري تائين مڪلم ڪري فعال ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.