آءِ بي اي ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيس:شاگردن لاءِ ڪيمپس اچي ڪلاسز وٺڻ واري شرط ختم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن هاسٽل ۾ ڪورونا ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ تدريسي سلسلي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي.

آءِ بي اي (انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن) ڪراچي هاسٽل ۾ ڪوويڊ جا ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ تدريسي سلسلي کي ٻن حصن ۾ ورهائيندي انڊر گريجويٽ شاگردن جي لاءِ ڪميپ اچي ڪلاسز وٺڻ واري لازمي شرط ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ ان لاءِ آن لائن ڪلاسز هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آءِ بي اي ڪراچي طرفان نئين حڪم تائين انڊر گريجويٽ جي ڪلاسن کي آن لائن ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کي Flexible learnng system جو نالو ڏنو ويو آهي ان سسٽم جي تحت انڊر گريجويٽ جي شاگردن کي اختيار هوندو ته هو آن لائن ڪلاسز ۾ گهر ويٺي شريڪ ٿين يا ڪيمپس اچي ڪلاسون وٺن پر ڪيمپس به اِهي ڪلاسز آن لائن ئي ٿينديون.

ڪيمپس جي سهولت جو فائدو اُهي شاگرد وٺي سگهندا جنهن وٽ گهرن تي انٽرنيٽ جي سهولت ميسر نه هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.