وزيراعظم عمران خان 25 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سان خطاب ڪندو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان 25 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سان خطاب ڪندو.

ذريعن موجب گڏيل قومن وزيراعظم جي خطاب جي ترتيب بابت پاڪستان کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جو جنرل اسيمبلي ۾ ٻي پهري جي سيشن ۾ خطاب ٽئين نمبر تي هوندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته 25 سيپٽمبر تي پاڪستاني وقت موجب رات 11:45 تي وزيراعظم عمران خان تقرير ڪندو.

واضح رهي ته گذريل سال وزيراعظم عمران خان جنرل اسيمبلي سان خطاب ۾ ڪشمير مسئلو ڀرپور انداز ۾ اٿاريو هو.

ڪورونا وائرس سبب هن سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ عالمي اڳواڻ نيو يارڪ ۾ گڏ نه ٿيندا.

193 ميمبرن تي ٻڌل جنرل اسيمبلي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته سمورا اڳواڻ پنهنجا ويڊيو بيان موڪليندا.

فيصلي موجب سمورا حڪمران اڳ کان ريڪارڊ ٿيل پيغام موڪلي سگهن ٿا، جيڪي اجلاس دوران نيو يارڪ ۾ موجود سڀني ملڪن جي نمائندن طرفان تعارف کانپوءِ پيش ڪيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.