ايس او پيز تي عمل نه ٿيو، مٽياري ۽ ڄامشوري جي 4 ڪاليجن سميت 22 تعليمي ادارا سيل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) چيو آهي ته گذريل 48 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ تيار ڪيل اسٽينڊرڊ آپريٽنگ پروسيجرز (ايس او پيز) تي عمل نه ڪندڙ 22 تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويو.

اين سي او سي جي جاري ڪيل بيان موجب 16 تعليمي ادارا خيبرپختونخواهه، 5 آزاد ڪشمير ۽ هڪ اسلام آباد ۾ بند ڪيو ويو.

ٻئي پاسي سنڌ ۾ 2 ڪاليجن جي عملي جي 8 ميمبر جي ڪورونا وائرس ٽيسٽ مثبت اچڻ کان پوءِ ڪالجيز کي بند ڪيو ويو.

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ ٻڌايو ته سنڌ جي ضلعي مٽياري ۾ 2 ڪاليجن جي عملي جي 8 ميمبر ۾ ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ مثبت آئي آهي.

سنڌ جي ضلعي ڄامشوري جي هڪ جڏهن ته ضلعي مٽياري جي ٻن ڪاليجن جي عملي جي 37 ميمبرن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ کان پوءِ ڪاليجن کي بند ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.