”پيسي جو غلط استعمال روڪي تعليم تي سيڙپڪاري ڪرڻ چاهيون ٿا“

هريپور(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پيسي جي غلط استعمال خلاف قانون آڻي تعليم تي سيڙپڪاري جا خواهشمند آهيون قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته  جتان به پيسا بچن انهن کي تعليم تي لڳايو.

پاڪ آسٽريا فيگوچ شول انسٽيٽيوٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اِهو تاثر ته ڏکڻ ئي ترقي ڪري سگهي ٿو اسان نه، انگريز جي غلامي واري ذهن ۽ سوچ کي تبديل ڪرڻو پوندو، اسان ڇو ڪجهه نٿا ڪري سگهون ڇو ته اسان ڪاپي ڪندا آهيون، انگريز سائنسدان بڻجي سگهن ٿا پر اسان جا ماڻهو ڇو نه، اسان کي پنهنجي ذهنن کي آزاد ڪري ترقي جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته اسان خودمختيار ماڻهو آهيون ۽ پاڻ ڪجهه ڪرڻ جو عزم رکون ٿا، پاڪستان ۾ نوجوانن جي شرح گهڻي آهي ۽ ترقي به ممڪن آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ تعليم تي ڌيان ناهي ڏنو ويو، جيڪڏهن تعليم جي شعبي تي ڌيان ڏين ها ته ڪٿان کان ڪٿي هجون ها،  پنهنجي ڪارنامن جي تعريف بدران انسان کي وڌيڪ ڪم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڪميونزم قومن جي لاءِ تباهي آهي.

عمران خان چيو ته اسان پهريون سال معيشت کي بهتر ڪرڻ ۾ گذاريو ۽ ٻيو ڪورونا کي منهن ڏيڻ ۾، چين هر معاملي ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي معاملي ۾ به چين سهڪار ڪيو، پيسن جي غلط استعمال خلاف قانون آڻي تعليم تي سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي، قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته جتان پيسا بچن تعليم ۾ لڳائڻا آهن، جيترو تعليم تي خرچ ڪنداسين اوترو اسان جي ٻارن کي فائدو ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.