ميرپور بٺورو: برسات متاثرن پاران واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ميرپور بٺوري ۾ برسات متاثرن پاران واهر نه ٿيڻ ۽ امدادي سامان من پسند ماڻهن کي ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

برسات متاثرن سماجي تنظيم امير البحر جي اڳواڻ يوسف ڪنڀار، ناٿو سانڌاڻي ۽ جي اڳواڻي ۾ مين بس اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته برسات متاثر دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن پر سنڌ سرڪار انهن جي ڪا به واهر نٿي ڪري، اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته امدادي سامان من پسند ماڻهن کي ڏئي برسات متاثرن جي تذليل ڪئي پئي وڃي

احتجاج ڪندڙن  اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته برسات متاثرن جي واهر ڪري امدادي سامان من پسند ماڻهن کي ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.