ڏھرڪي ڀرسان تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، شاگرد فوت

ڏهرڪي ۾ تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار شاگرد فوت ٿي ويو

قومي شاهراهه ڏھرڪي تي تيز رفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾  14 ورهين جو  شاگرد سرتاج مارواڙي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس ڀيڻ 12 ورهين جي گڙيا زخمي ٿي پئي جنهن کي طبي امداد لاءِ ڏهرڪي اسپتال آندو ويو

هوڏانهن ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو جڏهن ته پوليس ٽرالر کي پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.