موٽر وي زيادتي ڪيس جي متاثر عورت جوابدار عابد ۽ شفقت کي سڃاڻي ورتو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ متاثر عورت ٻنهي جوابدارن عابد ۽ شفقت کي سڃاڻي ورتو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فياض الحسن چوهاڻ چيو ته وقار الحسن جي گرفتاري سان ئي جوابدار شفقت تائين پهچڻ ممڪن ٿيو ۽ وقار الحسن کي مقامي ماڻهن پوليس حوالي ڪيو، وقار سڀ ڪجهه ٻڌايو ته ڪير ڪير ڏوهي آهن.

هن چيو ته سي سي پي او لاهور پنهنجي گفتگو تي قوم کان معافي ورتي، شهباز شريف پارليامينٽ ۾ غير ذميوار تقرير ڪئي، جنهن تي کيس قوم کان معافي گهرڻي پوندي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ ٻارڙيءَ کي هراسان ڪرڻ جي خبر بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، جنهن تي وزيراعظم جوابدار جي تڪڙي گرفتاري جو حڪم ڏنو، ٻارڙيءَ جي وارثن جوابدار خلاف سائبر ڪرائم جو ڪيس داخل ڪرايو هو، 3 ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي ٻارڙي کي هراسان ڪرڻ جي ويڊيو وائرل ٿي هئي، ٻارڙيءَ کي هراسان ڪندڙ ڇوڪري کي راولپنڊي مان گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ان جي پيءُ کي به پڪڙيو ويو آهي.

فياض الحسن چوهاڻ چيو ته عوام جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، جيڪڏهن ڪو ڪنهن ٻار، ٻارڙي يا عورت کي هراسان ڪري ته بنا دير اطلاع ڏنو، جيڪڏهن ڪنهن به عورتن يا ٻارن کي بليڪ ميل ڪيو ته قانون حرڪت ۾ ايندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.