مٺي ۾ پ ٽ الف ٿر جي چونڊ، بنا مقابلي عهديدار ڪامياب

مٺي (بيوروچيف) مٺي ۾ پ،ٽ، الف ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي مٺي ۽ مٺي سٽي جي عهديدارن جي اليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن بادل دل ۽ صابر اوٺو جي نگراني ۾ چونڊ ڪئي وئي، جنهن ۾ بنا مقابلي اڪثريت راءِ ۽ ڪنهن جو به سامھون فارم نه اچڻ سبب تعلقي مٺي لاءِ صدر جمال بجير ۽ جنرل سيڪريٽري الھوسايو جوڻيجو، مٺي سٽي يونٽ لاءِ سنديش آچاريه صدر ۽ جنرل سيڪريٽري رميش چوڌري، تعلقي اسلام ڪوٽ لاءِ صدر عزيز ھنگورجو ۽ جنرل سيڪريٽري محمود سمون سميت سمورن عهدن تي اميدوارن کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو آھي، پ ٽ الف جي عهديدارن جي بنا مقابلي ڪاميابي جي خوشي ۾ هار پارائي مين اسڪول کان ڪشمير چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڪڍي خوشي جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته اليڪشن ڪميٽي پاران عهديدارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.