سيٺارجا ٽائون ملازمن کي پگهار نه ملي، احتجاج

سيٺارجا ( ن ع آ ) ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا جي صفائي واري عملي پاران گذريل مهيني جي پگهار اڃا تائين جاري نه ٿيڻ ۽ ڪچا ملازم پڪا نه ٿيڻ خلاف شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ستين ڏينهن به ٻهارا ڇڏ هڙتال جاري رکي ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي ملازمن سهيل احمد، منظور ، منظور حسين بخش ، خالد ،آصف علي، حسين ۽ ٻين دانهيو ته  ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا ۾ هڪ 12 کان وڌيڪ ڪچا ملازم رکيل آهن جن کي 10 سال گذرڻ باوجود پڪو ناهي ڪيو ويو ۽ 12 هزار روپيه فڪس پگهار تي انهن کان ڊيوٽي ورتي وڃي ٿي جيڪا هن مهانگائي جي دور ۾ انتهائي ناڪافي آهي جڏهن ته پڪو نه ٿيڻ ڪري اسان جو مستقبل تباهه ٿي ويندو ٻئي طرف گذريل اگسٽ مهيني جي 16 ڏينهن گذرڻ باوجود پگهار ناهي ڏني وئي جنهن ڪري سخت معاشي بحران جو شڪار آهيون هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته فوري طور تي پگهار جاري ڪرڻ سان گڏ ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.