وڏا ماڇيون اسڪول ۾ پ ٽ الف جي چونڊ، استاد عبدالوهاب سولنگي خيرپور تعلقي جو صدر چونڊجي ويو

پيرجوڳوٺ ( ن ع آ ) پ ٽ الف تعلقي خيرپور جي چونڊ لاءِ وڏاماڇيون جي پرائمري اسڪول ۾ پ ٽ الف جي چونڊ لاءِ فارم ڀريا ويا، استاد آزاد پينل پاران تعلقي خيرپور جي صدر جي عھدي لاءِ استاد عبدالوھاب سولنگي جو پينل بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ ڪنهن به اميدوار فارم جمع نه ڪرايو، اهڙي طرح عبدالوھاب سولنگي پ ٽ الف تعلقي خيرپور جو صدر چونڊجي ويو. ان موقعي تي يوسي وڏاماڇيون، يوسي حاجنا شاھ ۽ ٻين علائقن جي استادن پاران مبارڪون ڏنيون ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.