خيرپور جي عدالت طرفان پوليس مقابلي ڪيس ۾ ٻه جوابدار اشتهاري قرار

خيرپور (ڊر) فرسٽ سول جج محمد قابل مهر جي عدالت اي سيڪشن ٿاڻي جي هڪ پوليس مقابلي جي ڪيس ۾ روپوش ڄاڻايل جوابدار نادرا آفيس خيرپور ڀرسان رهندڙ حسن علي ولد صدورو اوڍو ۽ ساڳي ٿاڻي جي هڪ منشيات ايڪٽ تحت داخل ٿيل ڪيس ۾ روپوش ڄاڻايل جوابدار محلا سائده ڳوٺ خيرپور جي رهواسي محمد ڪاشف ولد سليم ابڙو خلاف قلم 87/88 جي ڪاروائي ڪندي کين اشتهاري قرار ڏيئي سندن ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ٿرڊ سول جج مجيب الرحمان ڦلپوٽو جي عدالت پڻ ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي هڪ فراڊ ۽ خوني ڌمڪيون ڏيڻ جي ڪيس ۾ روپوش ڄاڻايل جوابدار راڻيپور جي رهواسي محمد آصف ولد اختر حسين شاهه کي اشتهاري قرار ڏيئي ڇڏيو آهي. ساڳي عدالت عدالتي حڪمن جي تعميلات نه ڪرڻ تي سوڀوديرو تعلقه جي مختيارڪار روينيو خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کيس عدالت ۾ طلبي ورتو آهي

ٽنڊي آدم ۾ پ ٽ الف جي چونڊن ۾ استاد پينل بنا مقابلي ڪامياب، لکا ڏنو خاصخيلي صدر چونڊجي ويو

ٽنڊوآدم (ت ر)ٽنڊي آدم ۾ پ ٽ الف  جي اعلانيل چونڊن ۾ استاد دوسٽ پينل بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو آهي . چيئرمين اليڪشن ڪميٽي اڪبر خاصخيلي موجب صدر لکاڏنو خاصخيلي سينيئر نائب صدر ناصر غوري ، نائب صدر فيمل قزبانو ، جنرل سيڪريٽري اعجاز ڏيرو، ڊپٽي سيڪريٽري اسلم پٺاڻ، جوائنٽ سيڪريٽري فيمل شمع روشن ،اطلاعات سيڪريٽري  غلام رسول ٻجورو ،  ماليات سيڪريٽري ممتاز ٽالپر ۽  آفيس سيڪريٽري مظهر بهلم بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن . ڪاميابي جي خوشي ۾ استادن نئين چونڊيل لکاڏنو خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ سنڌي مين اسڪول کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.