پني عاقل ۾ سماجي براين خلاف تحريڪ جو اعلان

پنوعاقل (ن ع آ)پنوعاقل ۾ سماجي برائين جا اڏا سرعام ھلڻ خلاف جي يو آءِ پاران آچر ڏينھن کان تحريڪ ھلائڻ جو اعلان،شھري اتحاد ۽ ٻين سماجي تنظيمون به سرگرم،ايس ايس پي سکر سان ملاقات ڪري شھر ۾ ھيرون،ڪچو پڪو شراب،چرس،ڀنگ توڙي پان پراگ،جوا جي اڏن ۽ موٽرسائيڪليون ڦر چوري توڙي ٻين چورين بابت تفصيلي آگاھي ڏني ويندي،خبرموجب؛ھتي پنوعاقل شھر ۾ پوليس جي نگراني ۾ ھلندڙ منشيات جوا ۽ ٻين سماجي برائين جا اڏا ھلڻ ۽ دڪانن مان چوريون ٿيڻ جي  عوامي شڪايتون خلاف جي يو آءِ پاران آچر ڏينھن احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آھي،چيو وڃي ٿو  ته پنوعاقل شھر ۾ بغير پرمنٽ جي شراب جو گتو جتي ڪچو پڪو  شراب ٺرو  سرعام وڪرو ٿي رھيو آھي،سوين نوجوان مڪيش جي گتي تان شراب خريد ڪري رھيا آھن،ھوڏانھون مختلف ھنڌن تي ھيرون،چرس،ڀنگ،آفيم،پان پراگ،گٽڪو عام دڪانن تي کاڄرو سامان جيان وڪرو ٿيڻ ۽ مختلف ھنڌن تي جوا جا اڏا قائم جتي لکين رپين جي جوا ھلڻ  جي عوامي شڪايتون تي جي يو آءِ جي مولانا علي اڪبر ڪلھوڙو،علامه اظھر حسيني،ڪرم الدين چنو،رفيق احمد ميراڻي ۽ ٻين پاران ٻن ڏينھن ۾ تفصيل جمع ڪري آچر ڏينھن تي سماجي برائين خلاف تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي،جڏھن ته شھري اتحاد جي صدر حافظ رفيق احمد سومرو،چئيرمين صابر اعواڻ،جنرل سيڪريٽري شاھد سوھو،ڪامريڊ مجيب الرحمان ڀٽو،فرحان ڌاريجو ۽ ٻين واضح ڪيو  ته ھو ايس ايس پي سکر عرفان سمون سان ملي شھر ۾ ٿيندڙ ڏوھ سماجي برايون منشيات جوا بابت آگاھ ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.