ڪڍڻ کي تعلقي جو درجو ڏيايو، سياسي سماجي اڳواڻن جو احتجاجي مظاهرو

ڪڍڻ (رپورٽ : بابو کوسو ) ڪڍڻ کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ  شهرين توڙي سياسي سماجي ڌرين پاران ڪڍڻ پريس اڳيان حسن علي شاھ، عبدالغفور چانڊيو، محمد سليم ڪنڀار، مير واحد بروهي، عرفان چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ۾ واپارين احمد کٽي، ڏاهو مل ميگھواڙ، ڪيول مل ميگھواڙ، شهري اتحاد جي اڳواڻ برڪت الله ميمڻ ،امتياز عمراڻي، سيو هيومن ويلفيئر آرگنائزيشن ججي صدر احسان جمالي، مارو خاصخيلي، علي رضا جمالي، ايس ٽي پي ٽائون جي ڪفايت سنڌي، شهيد ڀٽو جي قاسم سبيرو، نوجوان سنگت جي دانش خاصخيلي، نقاش لطيف جمالي،فيض محمد نوتيار، مھتاب کٽي، آبادگار اڳواڻ محمد خان خاصخيلي، خان محمد بروهي، گل محمد گرگيز، جي يو آءِ جي مولانا محمد عيسيٰ بجير، مصري نهڙيو، مرزا گروپ جي ميهار ملاح، پريس ڪلب جي سرپرست الله بچايو ڪنڀار، صدر ظفر حيدري سميت شهرين ۽ سياسي سماجي ڌرين، واپارين، ۽ نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ڪڍڻ شهر بدين ضلعي جو تاريخي ۽ اهم مرڪزي شهر آهي جيڪو هن وقت ٽائون ڪاميٽي جو درجو رکي ٿو، ڪڍڻ جي 18 هزار جي لڳ ڀڳ آبادي آهي، جڏهن ته ڪڍڻ شهر سميت ڀرپاسي جا هزارين رهواسي نادرا آفيس تي شناختي ڪارڊ،ب فارم ٺهرائڻ ۽ روينيو، پوليس توڙي ايڪسائيز سميت مختلف ڪم ڪارن جي سلسلي ۾ ڳرا ڀاڙا ڀري تعلقي بدين جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، هنن اعليٰ اختيارين کان ڪڍڻ کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.