آرسي ڊي شاهراهه تي ٽريفڪ جام

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) حب ويجهو آرسي ڊي شاهراهه تي لڪي چڙهائي جامعه فاروقيه ويجهو ٻه گاڏيون خراب ٿيڻ سبب بدترين ٽريفڪ جام ٿي وئي، هزارين گاڏين جي قطار لڳي وئي، گذريل ڏينهن کان وٺي ٻه ٽرڪ خراب بيٺل آهن، جنهن جي ڪري هزارين مسافرن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو، بلوچستان کان ايندڙ ۽ ويندڙ خاص طور تي لسٻيله جي صنعتي علائقن جي پورهيتن کي سخت مشڪلات پيش آئي، گوادر، تربت، پسني، اورماڙه، ڪوئيٽا، لورالائي، چمن ۽ ٻين علائقن مان ايندڙن ۽ ويندڙن کي به ان روڊ تان گذرڻو هوندو آهي، جڏهن ته خراب ٽرڪ هٽائڻ لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.