نواب ولي محمد ۾ ايس ٽي پي جو پارڪ تي قبضي خلاف مظاهرو

نواب ولي محمد ( ن ع آ ) نواب شاھ ۾ لب گجر واھ پارڪ تي قبضي خلاف ايس ٽي پي پاران ضلعي جي سڏ تي ايس ٽي پي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن علي نواز بروهي زاهد حسين چانڊيو غلام حسين گبول يونس کوکر ڪامريڊ نور مگسي وسيم ميرجت خادم سنگراھ بلاول بروهي جي اڳواڻيءَ ۾ ايس ٽي پي هائوس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ۽ خطاب ڪندي چيو ته لب گجر واھ پارڪ تي حڪومتي ڌر پاران قبضو ڪري هوٽل ٺاهي ڇڏي آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا پارڪ پبلڪ پليس آهي جنهن تي قبضو ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته لب گجر واھ پارڪ تي ڪيل قبضو ختم ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.