ووٽ وٺي ضلعي جي عوام جي خدمت ڪئي آهي: علي نواز شاهه

ڊگھڙي (ن ع آ) ضلعي ميرپورخاص جي عوام جي پھرين به خدمت ڪئي آھي غريبن کي نوڪريون ميرٽ تي ڏنيون ڳوٺن ۾ پڪا روڊ رستا ڏنا ۽ ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا ڪڏھن به عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو آھي ڪورونا ۾ به پنھنجي وس آھر غريبن جي وڌ کان وڌ خدمت ڪئي راشن ڏنا عوام سان ڏک سک ۾ گڏ رھياسين ۽ انشاالله ھميشه ضلع ميرپورخاص جي عوام سان ڏک سک ۾ گڏ ھوندس ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاء ڀرپور مدد ڪنداسين اھڙن خيالن جو اظھار ميرپورخاص جي آزاد ايم اين اي سيد علي نواز شاھ پ پ پ شھيد ڀٽو ضلع ميرپورخاص جي اڳواڻ سيد جمال شاھ سان اسلام آباد مان فون تي ڳالھائيندي ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.