زيادتي جي ڪيسن کي روڪڻو پوندو: پي ٽي آءِ اڳواڻ عائشه رشيد

لياري (ن ع آ) تحريڪ انصاف جِي اڳواڻ عائشه رشيد چيو آهي ته هاڻ روزانو ٿيندڙ زيادتي جي ڪيسن کي روڪڻو پوندو. اها ڳالهه هن ڪراچي ۾ زيادتي جو نشانو بڻيل ٻارڙي مرواهه جي پونئيرن سان تعزيت ڪندي ڪيو. هن چيو ته مرواهه هجي يا پنجاب موٽر وي زيادتي واقعو، ذميوارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ان قانون جي ضرورت آهي جيڪو ٻين ملڪن ۾ موجود هجي، جيڪڏهن انهن خلاف هاڻ به خاموش رهنداسين ته زينب جهڙن معصومن جا والدين انصاف لاءِ واجهائيندا رهندا. سندس چوڻ هو ته ڪجهه مخالف ماڻهن قومي اسيمبلي ۾ قانون ۾ ترميمي بل 2020 منظور نه ٿيڻ ڏنو،جيستائين قانون ۾ تبديلي نه ايندي، اهي درندا اهڙي طرح جون حرڪتون ڪندا رهندا.  هڪ سوال جي جواب ۾ عائشه رشيد چيو ته  اسڪول ۾ فوت ٿيل ٻارڙي جي واقعي تي دلي صدمي رسيو آهي، اسڪول انتظاميا خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.