ڊگهڙي ۾ پنجن ڏينهن کان پاڻي جو بحران، انتظاميا ننڊ ۾

ڊگهڙي (ن ع آ)  ڊگهڙي شهر جي واٽرسپلاءِ اسڪيم تي لڳل ٽرانسفارمر سڙي ويو، جنهن کي پنج ڏينهن گذري چڪا آهن پر پبلڪ هيلٿ کاتي جي لاپرواهي سبب اڃا  تائين ٽرانسفارمر جي مرمت ناهي ٿي سگهي، جنهن ڪري شهر جي راڻي ٽائون،راجا ٽائون،ميمڻ ٽائون  سميت شهر جي اڌ آبادي ۾ پاڻي جي سپلاءِ گذريل پنج ڏينهن کان بند ٿي چڪي آهي، شهري پئسن عيوض پاڻي خريد ڪري پنهنجي ضرورت ۾ استعمال ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان شهرين انتظاميا کان  مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي  ٽرانسفارمر ٺهرائي  پاڻي جي سپلائي بحال ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.