جھڏي ۾ ٻن مهينن کان ٽرانسفارمر سڙيل، مظاهرو، ڌرڻو، باهيون

جهڏو (رپورٽ: اسحاق ساگر ڀٽي)  جهڏو کوسا ڪالوني ۾ ٻن مهينن کان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي مين مٺي ___ ميرپورخاص روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي مين روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، سخت نعري بازي، ان موقعي تي اڳواڻن  اياز کوسو، ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو، ديشي نياز کوسو، روشن ميگھواڙ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته واپڊا عملدارن جي لاپرواهي   سبب اسان جي ڪالوني ۾ ٻن مهينن کان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ناهي ڪيو ويو، جنهن ڪري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آھيون، هنن چيو ته بجلي نه هئڻ ڪري علائقي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي ته ٻئي طرف مڇرن آزار سبب عورتون مرد ۽ ٻارڙا مختلف وبائي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، پر شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪري بجلي بحال ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.