سي بي سي جي صدر طرفان سي ويو تي آر او ۽ فلٽر پلانٽ جو افتتاح

ڪراچي (پ ر ) ڪنٽونمينٽ بورڊ ڪلفٽن جي صدر برگيڊيئر عابد علي عسڪري آر او پلانٽ ۽ سي ويو ۾ ٻن واٽر فلٽر پلانٽن جو افتتاح ڪيو،هن چيو ته آراو پلانٽ  روزاني جي بنياد تي 50 هزار گيلن جڏهن ته واٽر فلٽر پلانٽ هڪ هزار گيلن پيئڻ جو پاڻي علائقي جي رهائشين کي فراهم ڪندا. ، ان موقعي تي هن چيو ته سي بي سي پنهنجي سمورين  مشڪلاتن باوجود عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مصروف آهي  ته جيئن علا.ئقي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، ان موقعي تي وائيس پريزيڊنٽ عزيز سهروردي ، چيني نائب سفير، سي بي سي ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد سليم وٽو، سي بي سي ميمبر ن ۽ علائقي جي معززن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.