لاڙڪاڻي جي اسڪولن ۾ استادن کي ڪورونا بابت تربيت فراهم

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ 6 مهينن کان پوءِ سيڪنڊري اسڪول کلي وڃڻ بعد ٻارن کي ڪرونا کان بچاءُ لاءِ استادن کي تربيت ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ليگل رائيٽس فورم طرفان تعليم کاتي جي سهڪار سان مختلف اسڪولن ۾ استادن کي ڪرونا وائرس کان بچاءُ بابت تربيت ڏني وئي. ان موقعي تي ڪوآڊينيٽر مس بلقيس صباء ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لاڙڪاڻي جي 16 اسڪولن ۾ واش فيسلٽيز فراهم ڪيون ويون آهن ۽ 4 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي هاءِ جن ڪٽ فراهم ڪيون پيون وڃن، اي ڊي اي او پير محمد شاهه بخاري چيو ته استادن جي تربيت مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي، ٻارن کي ڪلاس ۾ فاصلي سان ويهاريو وڃي، بار بار هٿ ڌوئرايا وڃن ۽ ايس او پيز تي مڪمل طور تي عمل ڪيو وڃي، ٻارن کي ماسڪ پارائڻ کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي ميڊيا پرسن سيد جاويد شاهه ۽ خميسو خان استادن ۾ ڪورونا کان بچاءُ بابت پينافليڪس ورهايا ۽ اهي پينافليڪس اسڪولن ۾ لڳائڻ جو پابند پڻ بڻايو.

خير محمد آريجا جي السادات مسجد ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ جلسو

خير محمد آريجا (ن ع آ ) خير محمد آريجا شهر ۾ جامع مسجد السادات ۾ شهداء ڪربلا جي ياد ۾ جلسو منعقد ڪرايو ويو جنهن ۾ سيد برادري جي سيد حزب اللّٰه شاھ آريجا پريس ڪلب جو صدر سيد عطا محمد شاھ سيد عبدالغفور شاھ سيد امير علي شاھ سيد نعمت اللّٰه شاھ سيد عبدالفتاح شاھ سيد عبدالحفيظ شاھ سميت حافظن عقيدتمندن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته اسٽيج سيڪريٽري حافظ غلام سرور شيخ کي مقرر ڪيو ويو جنهن بعد نعت خوان سيد عبداللّٰه شاھ نبي بخش عباسي ضمير احمد آريجو شعبان علي سنديلو ۽ ٻين حضرت امام حسين عليه السلام جي  شان ۾ نعتون پڙهيون ان موقعي تي شهداء ڪربلا جلسي تقريب کي مفتي علامه مولانا سيد حسن شاھ بخاري مولوي حيدري قلندري اعجاز علي ڀٽي مفتي ڪرم اللّٰه کوکر پروفيسر سائين مولوي نالي مٺو آريجو جو صاحبزادو مولوي سردار علي آريجو ۽ ٻين  روحاني خطاب ڪندي شهداء ڪربلا جي شان تي روشني وڌي ۽ هنن چيو ته حضرت امام حسين عليه السلام ڪربلا جي ميدان ۾ پنهنجي خاندان معصوم ٻچڙن ۽ 72 ساٿين سميت پنهنجي عظيم جان جي قرباني ڏئي پنهنجي ناني نبي ڪريم حضرت محمّد مصطفيٰ صلي اللّٰه عليه وآله وسلم ۽ دين اسلام جو نالو روشن ۽ بلند ڪيو هن وڌيڪ چيو ته حضرت امام حسين عليه السلام ظلم خلاف جنگ وڙهيو اسان سندس جي ڏسيل واٽ تي هلي ظلم خلاف آواز بلند ڪيئون.

آخر ۾ ننگر نياز پڻ تقسيم ڪيو ويو.

سکر ۾ ڪيمرامين اينڊ فوٽو جرنلسٽس ايسوسيئيشن پاران اڳوڻي ميئر جي مان ۾ تقريب

سکر( رپورٽر) ڪيمرامين اينڊ فوٽو جرنلسٽس ايسوسيئيشن سکر پاران سکر جي اڳوڻي ميئر ارسلان اسلام شيخ، اڳوڻي ڊپٽي ميئر طارق حسين چوهاڻ جي اعزاز ۾ ڪيمرامين ايسوسيئيشن جي آفيس ۾ رات جي ماني جي دعوت رٿي وئي، تقريب ۾ پي ايف يو جي جي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ، ايف اي سي آصف ظهير لوڌي، امداد بوزدار سکر پريس ڪلب جي صدر نصرالله وسير، جنرل سيڪريٽري ياسر فاروقي، سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر سليم سهتو، جنرل سيڪريٽري جاويد جتوئي، ڪيمرامين اينڊ فوٽو جرنلسٽس جي صدر بخش علي ڦلپوٽو، جنرل سيڪريٽري عمران شيخ، اڳوڻي يوسي چيئرمين غلام مرتضيٰ گھانگھرو، شفيق احمد پيرزادو، عزرا جمال، سينيئر فوٽو گرافر محمد ابراهيم سومراڻي، اسامه طلعت، ناصر جعفري، طفيل وسطڙو، نعيم غوري، اشفاق کوسو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب دوران فوٽو گرافر ايسوسيئيشن پاران اڳوڻي ميئر ارسلان شيخ، طارق چوهاڻ کي يادگار شيلڊ پيش ڪئي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي پي ايف يو جي جي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ، سکر جي صحافين فوٽو گرافرن ۽ ڪيمرا مينن جي خدمتن کي ساراهيو، ان موقعي تي خطاب ڪندي ارسلان اسلام شيخ چيو ته سکر ۾ صحافين، ڪيمرامينن ۽ فوٽو گرافرن هر ڏکي وقت ۾ پنهنجا فرض انجام ڏنا آهن. سخت گرمي هجي يا سردي صحافي پنهنجي ذميوارين کان ناهن ڪيٻائيندا.

شڪارپور انتظاميه پاران کاڌي پيتي جي اگهن جي لسٽ جاري

شڪارپور (ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور نويدالرحمان لاڙڪ پاران عام کاڌي پيتي جي شين جي ريٽ لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو آهي ته بيرو آف سپلاءِ ۽ ويٽ اينڊ ميئرس جا عملدار پنهنجي ڊيوٽي صحي نموني سان سرانجام ڏين. هن چيو ته لاڳاپيل کاتن جا عملدار مارڪيٽ مان کاڌي پيتي جي شين جا سيمپل وٺن. هن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار مقرر اگهن کي لاڳو ڪرائن ۽ عوام کي رليف ڏنو وڃي.  ريٽ لسٽ مطابق دال مسور هڪ نمبر 130 روپيه ڪلو وڪرو ٿيندي هئي. دال مسور ٻيو نمبر ڪوائلٽي جيڪا 120 روپيه وڪرو ٿيندي هئي 108 روپيه في ڪلو مقرر، دال چڻا هڪ نمبر 130 روپيه، دال مٽر 130 روپيه، بيسڻ چڻا 122 روپيه، بيسڻ مٽر 67 روپيه، اٽو 55 روپيه، اٽو چڪي 53 روپيه، سوجي 62 روپيه، ڳڙ 115 روپيه، چانور باسمتي ڪرنل من 80 روپيه، چانور ڏارو 55 روپيه، ڳائو گوشت 400 روپيه، مينهن جو گوشت 300 روپيه، ٻاڪرو گوشت 850 روپيه، مڇي 1 ڪلو کان مٿي 300 روپيه، کير تازو 80 روپيه، کير واڙي وارو 95 روپيه ۽ ڏهي 100 روپيه ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.