راڌڻ ۾ زمين تي قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

راڌڻ (رپورٽ : ھريش ڪمار ) راڌڻ لڳ ڳوٺ مولوي بشير احمد واڍو واسي ڀائرن عبدالستار ۽ عبدالرزاق واڍو ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ جا بااثر قبضي خور نيڪ محمد واڍو عزيز واڍو پنهنجي مائٽن سميت اسان جي زرعي زمين تي قبضو ڪيو آهي، جنهن زمين جا مڪمل ڪاغذات اسان وٽ موجود آهن ۽ اسان جي احتجاج ڪرڻ يا ڪنهن کي دانهن ڏيڻ تي به مٿي ڄاڻايل بااثرن پاران اسان جي گهرن ۾ گهري اسان ۽ اسان جي عورتن ۽ معصوم ٻارن تي  تشدد ڪرڻ ھر روز جو معمول بنجي ويو آهي، هنن وڌيڪ  چيو ته بااثرن پاران اسان جي اچڻ وڃڻ جا رستا پڻ بند ڪيا ويا آهن، جنهن سبب اسان گندي ۽ بدبودار پاڻي مان گذرڻ تي مجبور آهيون، ساريالي فصل ۾ چوپايو مال ڇڏي تيار ٿيل فصل کي نقصان پهچايو پيو ٿو،  آ۽ جي سنڌ ايس ايس پي دادو نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.