شڪارپور ۾صفائي ملازمن تي تشدد خلاف رتيديري ۾ احتجاج

رتوديرو (ن ع آ) رتوديرو ۾ ميونسپل ايمپلائيز يونين پاران مزدورن چار ڏينهن اڳ شڪارپور ۾ هڪ بااثر پاران سينيٽري ورڪر عورت ۽ مرد کي لوهي سرئي ۽ بيٽ سان کين سخت تشدد ڪري مرڻينگ ڪرڻ واري واقي خلاف وڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي مظاهرين مزدورن اڳواڻن عبدالغفار ميمڻ ، سيد عرفان شاه ، حامد علي بٻر ، شاهد حسين جوڳي ، پريم چند ، مختيار جوڻيجو ، رام داس ، محمد پنجل جوڳي ، طالب ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جر مک روڊن رستن تان ٿيندا رتوديرو پريس ڪلب پهتا جتي مظاهرين پڻ سخت نعريبازي ڪندي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي مظاهرين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته چار ڌينهن اڳ شڪارپور جي سينيٽري ورڪر عورت ۽ مرد کي هڪ بااثر ماڻهو مجاهد اڄڻ بغير ڪنهن سبب جي کين پنهنجي سخت ۽ بدترين تشدد جو نشانو بڻايو جنهن سبب هو سخت زخمي پڻ ٿي پيا هنن چيو ته اسان مزدور ڏينهن رات شهر جي صفائي سٿرائي ڪري  شهرين کي صاف ماحول ڏيون ٿا غريب سينيٽري ورڪرن مٿان بي سبب اهڙو تشدد ڪرڻ وارو عمل سمجھ ٻاهر آهي مظاهرين مطالبو ڪندي چيو ته مزدور عورت ۽ مرد مٿان تشدد ڪندڙ بااثر کي گرفتار ڪري کيس سخت سزا ڏني وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اسان اڃان به سخت احتجاج ڪرڻ وارو رستو اختيار ڪنداسون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.