پکي ڀرسان پيرسن عورت جو پٽ جي ظلم خلاف احتجاج

پکو (ن ع آ) پکو لڳ ڳوٺ ڇٽل ڪلهوڙو واسڻ پيرسن عورت پٺاڻي زال حاڪم ڪلھوڙو پاڪ ڪتاب کڻي پنهنجي ننڍي پٽ ذيشان کي ساڻ ڪري پريس ڪلب پهچي پنهنجي وڏي پٽ  خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته منهنجو پٽ  پنهنجي ننڍي ڀاءُ ذيشان ڪلهوڙو کي پنهنجي پيءُ جي 16 ايڪڙ زرعي زمين  ۽ لاڙڪاڻو واري جڳھ مان حصو گهرڻ تي کيس تشدد جو نشانو بڻائي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، مون کيس چيو ته پنهنجي ڀاءُ کي زرعي زمين توڙي لاڙڪاڻو واري جڳھ مان حصو ڏي پر هو مون تي به ڏمرجي مون کي مارڻ جون الرون ڪري رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، پٽ موتمار ڌمڪيون پيو ڏئي، نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.