سنڌ ۾ 50 هزار ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري چڪا آهيون:پاڪستان تحريڪ انصاف

سانگهڙ (ڊ ر) پاڪستان تحريڪ انصاف جو صوبائي رھنما ڄام فاروق علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ ۾ پنجاھ ھزار ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪري چڪي آھي جڏھن ته اڃان به اھو سلسلو جاري آھي ته ٻوڏ متاثرين کي ڪنھن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. اھڙي ڳالھين جو اظھار ڄام فاروق علي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھائيندي ڪيو. هن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ضلعو سانگھڙ برساتن ۾ شديد متاثر ٿيو آھي پاڪستان تحريڪ انصاف ٻوڏ متاثر ماڻھن ۾ ضروريات زندگي جو سامان  ٽينٽ, راشن ۽ ٿانو ورھائي رھي آھي ۽ صدر پاڪستان پڻ سانگھڙ جو دورو ڪري متاثره علائقن جو جائزو ورتو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.