سکر ۾ چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس خلاف احتجاج

سکر( رپورٽر) پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري سول اسپتال سکر ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي ۾ عبدالقيوم قاضي، محمد آچر چوهاڻ، مير محمد دايو، محمد قاسم ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو جي ايم ايس ارشاد قاظمي ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي.احتجاج ڪندڙ ملازمن کي حراسان ڪيو پيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته ايم ايس ارشاد ڪاظمي کي فوري طور تي هٽايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.