نوشهري فيروز ضلعي ۾ اينيمل بريڊنگ رٿا ناڪام، آفيسن کي تالا

نوشهروفيروز(ڊ ر) سپريم ڪورٽ جا حڪم نظرانداز، سينئر انسپيڪٽر لائيو اسٽاڪ اينيمل بريڊنگ ڪيترن ئي سالن کان او پي ايس تي ويٺل، ڊاپٽي ڊائريڪٽر اسٽور ڪيپر آڏو بيوس بڻيل، سرڪاري اسٽور جون دوائون پنهنجي ئي پرائيويٽ اسٽور تي وڪرو ڪرڻ لڳو، سينئر انسپيڪٽر اينيمل بريڊنگ ۾ هوندي اڪائونٽنٽ جي ملي ڀڳت سان لائيو اسٽاڪ هسبنڊري مان پگهارون کڻڻ لڳو، مالوند ڀلي نسل جو ٻج پنجاب کان گهرائڻ لڳا، ملازم هوندي سرڪاري دوائن جو ٺيڪو کڻي سرڪاري کي لکين رپيا نقصان ڏيڻ جو انڪشاف. ضلعي اندر گوشت ۽ کير جي واڌ ۽ ڀلي نسل جي ٻج ڀرڻ لاءِ هر تعلقي ۾ لائيو اسٽاڪ اينيمل بريڊنگ جون آفيسون قائم ڪيون ويون هيون پر افسوس جوسڀني آفيسن کي تالا لڳل آهن. جڏهن ته نوشهروفيروز ضلعي اندر سرڪار پاران اهڙي سهولت ڏيڻ باوجود هتان جا مالوند ماڻهو اهڙي سهوليت کان محروم آهن جڏهن ته قرباني جو مال ڌارڻ لاءِ ڀاڳيا ڀلوڙ نسل جا ڍور پنجاب مان خريد ڪرڻ تي مجبور آهن جڏهن ته ڏيڍ سال اڳ ٻڪرين کي ٻج ڏيڻ لاءِ نوشهروفيروز ۾ سينٽر پڻ قائم ڪيو ويو پر ان سهوليت کان به عوام بي لاڀ بڻيل آهي جڏهن ته مالوند ماڻهن کي ڀلي نسل جي گلابي ٻڪرين جي ٻج کان محروم رکيو ويو آهي. جڏهن ته هتي ايندڙ لکين رپين جي ٻج ڀرڻ واري ميڊيسن لائيو اسٽاڪ هسبنڊري جو سينئر انسپيڪٽر فدا حسين سهتو جيڪو هن وقت غير قانوني طور ۽ او پي ايس تي لائيو اسٽاڪ اينيمل بريڊنگ جي اسٽور تي ڪيترن ئي سالن کان قبضو ڪيو ويٺو آهي اهو ڊپٽي ڊائريڪيٽر لائيو اسٽاڪ اينيمل بريڊنگ ڊاڪٽر ثناءُالله راڄپر سان ملي ڀڳت ڪري مالوند ماڻهن کي ڏيڻ بجاءِ ٺاروشاهه شهر ۾ پنهنجي پرائيويٽ اسٽور الشفا تي وڪرو ڪري لکين رپيا ڪمائي رهيو آهي. جڏهن ته فدا حسين سهتو لائيو اسٽاڪ اينيمل هسبنڊري جو ملازم هوندي اينيمل بريڊنگ ۾ ويٺي اڪائونٽنٽ انور راڄپر سان ملي ڀڳت ڪري ڪيترن ئي سالن کان پگهارون لائيو اسٽاڪ هسبنڊري کان کڻي رهيو آهي. اهو به معلوم ٿيو آهي ته سينئر انسپيڪٽر فدا حسين سهتو لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ ملازم هوندي پنهنجي نالي تي سرڪاري دوائن جا ٺيڪا کڻي وري سرڪار کي ئي وڪرو ڪري لکين رپيا ڪمائي رهيو آهي.  جڏهن ته يونين جي آڙ ۾ ايگريڪلچر گروٿ پروگرام ۾ به ڊيوٽي ڪري ٽي اي ڊي اي جي مد ۾ ماهوار 30 کان 40 هزار رپيا ڪمائي رهيو آهي. جڏهن ته سرڪار پاران ملندڙ دوائون مالوند ماڻهن کي پئسن تي وڪرو ڪري ڏنيون وڃن ٿيون. هتان جي سياسي سماجي ڌرين پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته غير قانوني او پي ايس تي ويٺل سينئر انسپيڪٽر فدا حسين سهتو، ڊپٽي ڊائريڪٽر ثناءُالله راڄپر ۽ اڪائونٽنٽ لائيو اسٽاڪ هسبنڊري انور راڄپر پاران ڪيل ڪرپشن جي جانچ ڪري سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪري مالوند ماڻهن کي دوائون ڏنيون وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.