پني عاقل ڊگري ڪاليج ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت

پنوعاقل (ن ع آ)سنڌ ۾ تعليمي ادارا کولي وڃڻ بعد پنوعاقل ڊگري ڪاليج جي پرنسپال نالي واري تعليمي ماھر محمد ابراھيم عباسي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته شاگردن حاضري کي يقيني بڻائي ڪلاس اٽينڊ ڪيا ته پنجن مھينن ۾ پوزيشن کئڻڻ جھڙا تيار ٿي ويندا،ھن چيو  ته ڪرونا وائرس جي دوران 7  مھينا ادارا بند رھيا،شاگردن سان گڏ استاد به گھرن تائين محدود ھئا،ھاڻي اسان ڪاليج جا سڀ پروفيسر،ليڪچرار ذھني طور تي شاگردن کي پڙھائڻ لاءِ تيار آھيون،مڪمل ٽائيم ڏئي ھر سبجيڪٽ ۾ شاگردن کي پوزيشن ھولڊر بڻائينداسون،پرنسپال ابراھيم عباسي واضح ڪيو ته پنوعاقل ڊگري ڪاليج جي 2000 کان وڌيڪ ريگولر شاگردن کي گھرجي ته ھو وقت سر تيار ٿي ڪاليج اٽينڊ ڪرين ته جئين پنجن مھينن ۾ پڙھائي مڪمل ڪري پٺيان 7 مھينن وارو گئپ کي پورو ڪري سگھون،آخر ۾ پرنسپال ڊگري ڪاليج  والدين کي اپيل ڪئي ته ھو پنھنجي نون نھال  اولاد کي وقت سر ڪاليج ڏانھون موڪلن،ھوڏانھون ڪاليج ۾ گل ٻوٽا پوکڻ ۽ صفائي جي بھتري لاءِ انتظام مڪمل  ٿيندي نظر آيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.