سکر ويجهو ڳوٺاڻن ڦاڙهو پڪڙي ورتو، ويڊيو وائرل

سکر(رپورٽر) سکر لڳ ناياب نسل جو جانور ڳوٺاڻن پڪڙي ورتو، ويڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل، وائيلڊ لائيف کاتو حرڪت ۾ اچي ويو، معامري جي انڪوائري لاءِ ڪميٽي جوڙي ڪاروائي جو حڪم، خبرموجب سکر لڳ هنڱورو واري علائقي ۾ ناياب نسل جو قيمتي جانور ڦاڙو ڳوٺاڻن پاران پڪڙي کڻي وڃڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. ويڊيو ۾ ناياب نسل جي ڦاڙي کي پڪڙي ڪري گاڏي ۾ وڌو پيو وڃي. اهڙي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد وائيلڊ لائيف کاتي پاران جانور کي پڪڙندڙ خلاف ڪاروائي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ وائيلڊ لائيف کاتي سکر جي ڊپٽي ڪنزرويٽر عدنان احمد سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته سکر ۽ پنوعاقل لڳ هنڱورو واري علائقي ۾ ڦاڙو جانور کي پڪڙڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي ڏسڻ بعد ڊسٽرڪٽ آفيسر وائيلڊ لائيف سکر انور ڀٽي، ڇاپا مار ٽيم جي انسپيڪٽر امام بخش جي اڳواڻي ۾ ٽيم جوڙي ڪاروائي جون هدايتون جاري ڪيون آهن، 24 ڪلاڪن اندر معامري جي انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.