ٺل ۾ پ ٽ الف چونڊ چهچٽو، ٽن پئنلن جا نامزدگي فارم جمع

ٺل (ن ع آ) پوري سنڌ جيان ٺل ۾ پ ٽ الف جي چونڊن جو چهچٽو متل آهي،پرائمري ٽيچرس ايسوسيئشن جي چونڊن جي سلسلي ۾ ڪالهه اليڪشن جي لاءِ اليڪشن ڪاميٽي جي آفيس ۾ ٽي نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا،ڀٽائي پينل پاران صدر ظهير احمد نوناري،سينيئر نائب صدر خورشيد سومرو،نائب صدر(فيميل)شاهجهان انصاري،جنرل سيڪريٽري غلام حسين کوسو،ڊپٽي جنرل سيڪريٽري جيئند لاشاري،جوائنٽ سيڪريٽري(فيميل)سعيدان نوناري،ماليات سيڪريٽري شفيع محمد مهر، انفارميشن سيڪريٽري محمد عارف جعفري،آفيس سيڪريٽري عبدالواحد ڀٽي نامزدگي فارم جمع ڪرايو،فخر استاد پيئنل پاران صدر بشير احمد بنگلاڻي،سينيئر نائب صدر عبدالباري کوسو،نائب صدر (فيميل)بينظير ڀٽي،جنرل سيڪريٽري عبدالوهاب ٻرڙو  ۽ ٻين نامزدگي فارم جمع ڪرايو. ،جڏهن ته ٽئين پينل نوناري پئنل ۾ صدر محبوب نوناري،سينيئر نائب صدر زاهد حسين کوسو،نائب صدر (فيميل) فهميده،جنرل سيڪريٽري ضمير احمد ٻرڙو،ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالرئوف بنگلاڻي، جوائنٽ سيڪريٽري(فيميل) ناز بيبي نوناري،ماليات سيڪريٽري عبدالحليم مهر،انفارميشن سيڪريٽري غلام مجتبيٰ سرڪي،آفيس سيڪريٽري منير احمد ڀٽي نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا،چونڊن جي لاءِ ٽنهي پئنلن جي اميدوارن پاران قافلي جي صورت ۾ پهچي نامزدگي فارم جمع ڪرايا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.