ڀرياسٽي ۾ پ ٽ الف جي چونڊن جي سلسلي ۾ استادن جي ريلي

ڀرياسٽي (ن ع آ) پ ٽ الف تعلقه ڀريا جي سال 21/2020 جي چونڊن ۾ ٻه پينل حاجي شفيع محمد سٺيو گروپ جي تعليم دوست پينل ۽ انتظآر ڇلگري گروپ جي بخشل سومرو پينل وچ ۾ 11 آڪٽوبر تي سخت مقابلي جا امڪان ، ٻنهي پينل پاران اليڪشن مهم زور شور سان جاري آهي ، جڏهن ته تعليم دوست پينل پاران سينئير استاد غلام مصطفي سولنگي ، ممتاز علي راڄپر ، علي شان راڄپوت، سجاد علي جلباڻي ، رانجهو خان وسطڙو ،ناظم علي پنهور ، ۽ ڪرم الله لاشاري جي اڳواڻي ۾ اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ سوين موٽر سائيڪلن ۽ ڪارن جي هڪ شاندار ڪڍي وئي . ،ريلي ۾ سون جي تعداد ۾ استادن ڀرپور حصو ورتو ، ريلي تعلقي جي مختلف شهرن يوسين ٺاروشاهه، ڀرياروڊ ، ڀرياسٽي ،کاهي قاسم ڪوٽ بهادر ، دالي ، مولهڻ ، ڪنڊا کاهي کان ٿيندي ڀرياسٽي پريس ڪلب پهتي . جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان جو پهريون مقصد آهي، استاد پنهنجون ڊيوٽيون ايمانداري سان ڪن. ۽ استاد جي هر جائز مسئلي ۾ پ ٽ الف جا سمورا اڳواڻ ڪنهن کي به ڪو نه ڇڏيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.