خيرپور ۾ ٽن ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ معذور جي واهر نه ٿي، علاج لاءِ مدد جي اپيل

خيرپور (رپورٽ : مختيار ڦلپوٽو )خيرپور ڀرسان ڳوٺ چنا سمنگ جي رهواسڻ نجمه چنو معذور ٻارڙن سميت سيشن ڪورٽ خيرپور جي اڳيان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪندي اخبار وارن جي اڳيان روئيندي ٻڌايو ته مون کي ٽن پٽن ۽ هڪ نياڻي جي اولاد آهي جن ۾ 13 سالن جو ضمير چنو، 11 سالن جو نادر علي چنو، 9 سالن جو زاهد چنو ۽ 8 سالن جي معصوم نياڻي مينه چنو شامل آهن جيڪي قدرتي طرح تندرست پيدا ٿيا ۽ جيئن ئي هو 5 سالن جي عمر جا ٿيا ته هو ڄنگهن ۽ ٻانهن کان معذور ٿيندا ويا، جنهن ڪري هو هڪ کٽ تي ويٺل آهن، هن چيو ته مختلف هڏن جي ماهر ڊاڪٽرن کان گهر جو الهه تلهه وڪڻي علاج ڪرايو، جڏهن ته منهنجو مڙس مجاهد حسين چنو مزدوري ڪري گهر جو چرخو هلائيندو آهي ۽ مان گهرن ۾ ڪم ڪار ڪري ٻارن جو علاج ڪرائيندي آهيان، ڪيترا ڀيرا ڊپٽي ڪمشنر خيرپور وٽ مدد لاءِ ويس جن ٻچن جا حال ڏسي چيو ته مان توهان جي مدد ڪيان ٿو پر هڪ سال گذرڻ باوجود ڪابه مدد نه ڪئي، هينئر گهر ۾ ڪابه وصيعت نه رهي آهي جو ٻچن جو علاج ڪرائي سگهان، هن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ خيرپور جي سياسي سماجي اڳواڻن کان گهر ڪئي آهي ته ٻچن تي رحم ڪري ڪا مالي مدد ڪئي وڃي ته جيئن ٻچن جو علاج ڪرائي سگهان. هوڏانهن احتجاجي ڪئمپ تي جسقم اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ امجد خان مهسر چيو ته هي معذور ٻارڙن جو سڀني سرندي وارن تي حق آهي جو اهي گڏجي هنن معذورن جو علاج ڪرائن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.