ميروخان ۾ ٽي بي چڪاس لاءِ ڪئمپ قائم، مريضن جو علاج

ميروخان (ت ر) برج ڪنسلٽنٽ فائونڊيشن پاڪستان جي طرفان پراڻو ٺارو وڌو ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي رھواسين لاءِ  پاڪستان ٽي بي ڪنٽرول پروگرام ۽ ڊي ايڇ او جي تعاون سان چيسٽ ( ڇاتي ) ۽ ٽي بي چڪاس لاءِ   ڪئمپ لڳائي وئي جنھن ۾ ٽي بي جي ماھر ڊاڪٽر اعجاز علي چنو ۽ ڊاڪٽر حبيب الرحمان شاھ آيل مريضن جي چڪاس ڪئي، ڪئمپ ۾ پراڻو ٺارو وڌو ۽ ڀرپاسي جي علائقن کان آيل 200 کان وڌيڪ مريضن جي چڪاس ڪرڻ سان گڏ کين مفت دوا پڻ ڏني وئي، جڏھن ته 25 ڇاتي جي شڪي مريضن جو ٽي بي جي ٽيسٽ ڪئي وئي، ان موقعي تي   برج ڪنسلٽنٽ پاڪستان ڊسٽرڪٽ فيلڊ سپروائيزر علي رضا ميمڻ ڊاڪٽر اعجاز علي چنو ڊاڪٽر حبيب الرحمن شاھ ۽ ٻين چيو ته ڪئمپ لڳائڻ جو مقصد پراڻو ٺارو وڌو سميت علائقي ۾ رھندڙ غريب ۽ بي پھچ ماڻھن جي خدمت ڪرڻ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.