دادو ۾ لائوڊ اسپيڪر تي پريس ڪلب جي ڪردار ڪشي، شهرين ۾ ڪاوڙ جي لهر

دادو (رپورٽ: عزيز احمد ملڪ) دادو پريس ڪلب جي خلاف  گذريل هڪ هفتي کان ڪردار ڪشي ڪرڻ ۽ پريس ڪلب جي معزز ميمبرن ۽ عهديدارن خلاف شهر اندر ۽ سوشل ميڊيا تي گٿا الفاظ ڳالهائڻ خلاف دادو بار ڪائونسل نياز پنهور، پير حني، مسلم ليگ نواز سنڌ جي نائب صدر، اعظم لوحاڻي، مسلم ليگ نواز سنڌ جي  ليڊيز صدر سورٺ ٿيٻو، پپليزپارٽي تعلقي جوهي جي اڳواڻ اي ڊي لغاري، پيراميڊيڪل اسٽاف دادو راجا رفيق پنهور، امتياز چانڊيو، پ ٽ الف ضلعي دادو عنايت جمالي، وسيم کوکر، چئمبر آف ڪامرس جي اڳواڻن عبدالله کوکر، اقبال چارڻ، دادو شهر جي معزز شهرين منير احمد ڪوريجو، سماجي اڳواڻ سردار رجب شاهاڻي، پروفسير عرفان ڪهلوڙو، دادو سوشل شعور فورم لياقت پنهور، دادو شهري ويلفيئر  ايڪشن ڪاميٽي جي جاويد گهلو، جبار ٻٻر، سونارا تنظيم مختيار جويو، بدرالدين جويو، سنڌ عوامي سٿ جي مرڪزي اڳواڻ خادم چانڊيو، وريام پنهور، سنڌي ادبي سنگت دادو وحيد ملڪ، اميد سنڌي، ساجد يوسف سومرو، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري يعقوب پنهور، ٺيڪيدار ايسوسيئيشن جي اڳواڻ حبدار علي ڀنڊ، آپڪا يونس اتيرو، اڪبر ملاح ۽  ميهڙ پريس ڪلب،جوهي پريس ڪلب،پريس ڪلب ڪي اين شاھ،پريس ڪلب ڦلجي اسٽيشن، پريس ڪلب راڌڻ، پريس ڪلب نئون ڳوٺ، پريس ڪلب واهي پانڌي،پريس ڪلب ڊرگھ بالا، پريس ڪلب قصبو، پريس ڪلب،پريس ڪلب سيتاء، پريس ڪلب فريدآباد،پريس ڪلب خداآباد، پريس ڪلب ڪڪڙ، پريس ڪلب نوشهروفيروز،سميت ٻين پريس ڪلبن جي ميمبر ۽ عهديدارن پاران دادو صحافين سان يڪجهتي ڪئي وئي. هنن چيو ته دادو پريس ڪلب اداري عهديدارن ۽ ميمبر خلاف سري عام وچ شهر ۾ لائوڊ اسپيڪر تي  گٿا الفاظ استعمال ڪري معزز اداري جي سري عام ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي پر دادو اي سيڪشن پوليس انهن شر پسند خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري، هنن چيو اداري خلاف ڏوهاري قسم جا ماڻهون هڪ گروپ ٺاهي سوشل ميڊيا تي تزليل ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته اسان هر وقت دادو پريس ڪلب سان گڏ آهيون پريس ڪلب هميشه هر دور ۾ غريب عوام جي آواز کي اعلي ايوان تائين پهچائي ٿو. هنن آءِ جي سنڌ، چيف جسٽس آف سنڌ، وڏي وزير ۽ حساس ادارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي دادو پريس ڪلب ۽ سندس عهديدارن ميمبرن خلاف سري عام گٿا الفاظ ڳالهائڻ ۽ اداري جي ساک خلاف ڪم ڪندڙ خلاف سخت قدم کڻي قانوني ڪاروائي ڪري صحافين ۽ شهرين مان بيچني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.