گهوٽڪي ۾ وڪيلن جون آفيسون خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ناڪام

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي پراڻي سبزي منڊي ۾ 52 دڪانن ۾ ڪجھ وقت پهريان وڪيلن پنهنجون آفيسون قائم ڪيون هيون ،جڏهن ته اهي آفيسون خالي ڪرائڻ تان اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ وڪيلن ۾ جهڙپون ٿي پيون ،اسسٽنٽ ڪمشنر پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري وڪيلن جون  آفيسون خالي ڪرائڻ لاءِ پهتو ته اطلاع تي وڏي تعداد ۾ وڪيل برادريءَ جا ماڻهو پهچي ويا ته اسسٽنٽ ڪمشنر واپس روانو ٿي ويو هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته وڪيل ڪاري ڪوٽ کي بدنام ڪري رهيا آهن .ان سلسلي ۾ وڪيل اڳواڻ ڊسٽرڪٽ بار جو صدر سڌام چند ۽ جنرل سيڪريٽري لياقت علي ملاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو به ڪيو انهن چيو ته ڪمشنر بااثر ماڻهن جي ونگار وهندي سبزي منڊي جي 52 دڪانن ۾ وڪيلن جون قائم آفيسون خالي ڪرائي انهن حوالي ڪرڻ چاهي ٿو .جيڪي ڪنهن به صورت ۾ اسان انهن کي آفيسون ڏيڻ نه ڏينداسين اهڙو ڪيس به عدالت ۾ هلندڙ آهي اهو توهين عدالت آهي ان حوالي سان اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي جو چوڻ آهي ته وڪيلن پنهنجي ڪاري ڪوٽ کي بدنام ڪري سرڪاري پلاٽ تي ٺهيل سبزي منڊي جي دڪانن تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا ،وڌيڪ وڪيلن جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سي ايم او گهوٽڪي خلاف عدالت ۾ توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪرائيندا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.