الخدمت پاران لاهور ۾ مضمون نويسي مقابلو

لاهور (پ ر ) ملڪ ۾ سماجي خدمتن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم الخدمت فائونڊيشن پاران لاهور ۾ مضمون نويسي جو مقابلو ڪرايو ويو، اهو مقابلو الخدمت لاهور ڪامپليس ۾ ڪرايو ويو، جنهن ۾ يتيم خاني ۾ رهندڙ ٻارن وچ ۾ مضمون لکڻ جو مقابلو ڪرايو ويو. تقريب ۾ خاص مهمان گورنر پنجاب جي گهر واري پروين سرور هئي، جڏهن ته الخدمت فائونڊيشن جي صدر محمد عبدالشڪور، اسٽنٽ سيڪريٽري جنرل احمد جميل راشد،نيشنل ڊائريڪٽر آرفن پروگرام عبدالجبار بٽ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اداري جي يتيم ٻارن بهتر مضمون لکي انعام حاصل ڪيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.