جنسي تشدد ۽ ٻين ڏوهن جو خاتمو سزائن ذريعي ئي ممڪن آهي:ڪرامت علي رزاقي

اوڏيرولال (ن ع آ) جنسي تشدد ۽ ٻين ڏوهن جو خاتمو فوري ۽ اسلامي سزائن جي ذريعي ئي ممڪن آهي. جنسي تشدد ۽ ٻين ڏوهن کي ختم ڪرڻ لاءِ سرعام شريعت جي مطابق سزائون ڏنيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار مٽياري جي مشهور روحاني شخصيت پير ڪرامت علي رزاقي عظيمي نقشبندي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حضور پاڪ جي ظاهري زماني ۾ قتل، زنا ۽ چوري تي سرعام سزائون ڏنيون وينديون هيون، اڄ جي نام نهاد لبرل مسلمان بشمول ڪجهه حڪومتي وزير سرعام ڦاهي جي مخالفت ڪندي بل واسطه توهين رسالت جي مرتڪب ٿي رهيا آهن، حڪومت جو اهو به فرض آهي ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ هر طرح فحاشي مواد کي ختم ڪرائي اهڙو نظام لاڳو ڪيو وڃي جنهن سان ملڪ ۾ فحاشي ۽ عرياني جو خاتمو ٿي سگهي. ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن تي ڪيترائي ڪيس ٺاهيا ويندا آهن، پر يا ته هو آزاد ٿي ويندا آهن يا ضمانت کين ضمانت ٿي ويندي آهي، جيڪو اسان جي ملڪ جي عدالتي نظام لاءِ سواليه نشان آهي. هن چيو ته منهنجي پاڪستان جي سمورين گادي جي سجاده نشينن ۽ عالم سڳورن کي اپيل آهي ته هو استخاري، تعويزن ۽ ڪوڙين خوشخبرين جي چڪر مان ٻاهر نڪري نوجوان نسل ۾ خوف خدا پيدا ڪن.  ۽ هر ممڪن ڪوشش ۽ تبليغ ڪن ڇو ته نفس تي ڪنٽرول ڪرڻ کانسواءِ خواهشن تي ڪنٽرول ڪرڻ ناممڪن آهي. ان جي لاءِ الله رب العزت جي انعام يافته ٻانهن جي زندگي تي مشعل راهه بڻائين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.