سيپڪو جي 132 ڪي وي گرڊ اسٽيشن لاڙڪاڻي جي اڄ بجلي بند رهندي

سکر( رپورٽر) سيپڪو جي ترجمان امير بلوچ  ڄاڻايو ويو آهي ته 132 ڪي وي گرڊ اسٽيشن لاڙڪاڻو سائيٽ تي اڄ 17 سيپٽمبر تي مرمتي ڪم سبب صبح جو 8 وڳي کان منجھند جو 2 وڳي تائين بجلي بند رهندي، جنهن سبب وي آءِ پي فيڊر، ايڪسپريس فيڊر، مراد وهاڻ فيڊرن جي بجلي بند رهندي. جڏهن ته خانپور مهر گرڊ اسٽيشن تي ضروري مرمتي ڪم سبب 18 سيپٽمبر کان 26 سيپٽمبر تائين صبح جو 9 وڳي کان منجھند جو 3 وڳي تائين بجلي جي فراهمي بند رهندي. جنهن سبب خانپور مهر، سردار ڳڙهه، خانڳڙهه فيڊر بند رهندا.

خيرپور جي ڊي سي طرفان  پبلڪ هيلٿ جي ملازم جي درخواست تي ڪارروائي، پگهار ڏيڻ جي هدايت

خيرپور (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي تعلقه ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ مٺڙي جي رهواسي محمد قاصد ولد طالب علي رڏ جي درخواست تي پبلڪ هيلٿ انجنيرنگ ڊپارٽمينٽ جي ايگزيڪيوٽو انجنير کي ليٽر جاري ڪندي سندس مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڳوٺاڻي پنهنجي درخواست ۾ ڄاڻايو هيو ته هن کان پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ وارن مالهي، چوڪيداري ۽ آپريٽر جي ڊيوٽي ورتي مگر ان جون پگهارون نٿيون ڏنيون وڃن. ان ڪري کيس پگهارون ڏياري سندس مسئلو حل ڪيو وڃي.

شهدادڪوٽ ۾ مرتضيٰ ڀٽو جي ورسي بابت پ پ ش ڀ جو اجلاس

شهدادڪوٽ (ڊر) شهدادڪوٽ ۾ پ پ ( شھيد ڀٽو ) پاران شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 24 هين ورسي ملهائڻ جي سلسلي ۾ اهم اجلاس تعلقي  صدر وزير علي کوسو جي صدارت هيٺ  ٿيو، اجلاس ۾ مجيد ڏيپر، رمضان ٻٻر، رياض مرکنڊ، رفيق کوسو، منظور سيلرو، اعجاز گرگيج ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزير کوسو چيو ته 24 سال گذري وڃڻ کانپوءِ به 20 سيپٽمبر جي شهيدن ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي وارثن کي انصاف نه ملڻ افسوس جوڳو عمل آهي،عدالتون شهيدن جي وارثن سان انصاف ڪن،  اڳواڻن هن چيو ته  مير مرتضيٰ ڀٽو جي ورسي ۾ عوام ڀرپور شرڪت ڪري قومي ٻڌي جو ثبوت ڏين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.