شاھبندر تعلقي ۾ گيسٽرو وبا پکڙجي وئي، اسپتال ۾ سهولتون اڻلڀ

چوھڙجمالي (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) تازي برساتن کان پوءِ تعلقي ۾ گيسٽرو جي وبا تيزي سان پکڙجڻ وئي  آھي جنھن ڪري تعلقي شاھبندر جي مختلف علائقن قادر ڏنو شاھ،  جونگوجلباڻي، جيئند زنگيجو، باگاڻا، ڪوڏاريو شريف،  شاھبندر،  ڇڇ جھان خان، شاھ يقيق،  لاڏيون ۽ ٻين علائقن جا ڪيترائي مرد عورتون ٻارڙا دست،   الٽي   جي خطرناڪ بيماري ور چڙھي ويا آھن، شاھبندر پريس ڪلب پاران ڪيل سروي رپورٽ موجب ھڪ ئي ڏينھن ۾ 50  کان وڌيڪَ مريض رورل هيلٿ سينٽر چوھڙجمالي ۾ داخل ٿيا آھن ۽ ڪيترائي مريض خانگي اسپتالن ۾ پڻ داخل آھن،  ڪيترن مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري بيحال ٿي پيا آھن، گيسٽرو جي وڌندڙ وبا سبب مريضن جي تعداد ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿيندو پيو وڃي، جڏھن تـ رورل ھيلٿ سينٽر چوھڙجمالي ۾  ڊاڪٽرن جي کوٽ ھجڻ ۽ او پي ڊي ۾ صرف ھڪ ڊاڪٽر ڊيوٽي تي موجود ھجڻ ڪري مريض پريشاني کي منھن ڏيڻ لڳا آھن، ٻي طرف رورل ھيلٿ سينٽر چوھڙجمالي جي ايم ايس ڊاڪٽر بشير احمد سولنگي ٻڌايو ته برساتن بعد گيسٽرو جي بيماري ۾   مبتلا مريضن ۾ اضافو ٿيو آھي، اسپتال ۾ ميڊيسن وڏي تعداد ۾ موجود آھي ايندڙ سڀني مريضن کي ميڊيسن، ڊرپون، ويڪسين  ڏني پئي وڃي، مريضن جو  بھتر طريقي سان علاج ٿي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.