حيدرآباد ۾ ڳوٺاڻن جو پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) قاسم آباد جي ڳوٺ سنجر ملاح جي پيرسن رهواسي محبوب ملاح پلاٽ تي قبضي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي الزام هنيو ته ديهه ڄامشورو ۾ سندس ڏاڏي جي رڪارڊ وارو 12 هزار فٽ تي مشمل هڪ پلاٽ آهي، جنهن تي علائقي جي بااثر ماڻهن قبضو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سندس پلاٽ سروي نمبر 223 ۾ آهي، جيڪو منهنجي ڏاڏي مرحوم گل محمد ملاح جي ملڪيت آهي، جنهن جي وفات کان پوءِ اهو پلاٽ اسان جو هو ۽ مڪمل ڪاغذ به اسان وٽ پڻ موجود آهن، ڪو به ٻڌڻ وارو نه آهي.  هن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.